Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 21:43 - Muslim Sindhi Bible

43 سو خداوند بني اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين. اُهو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو انهيءَ ۾ رهڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

43 انهي طرح خداوند اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو، جنهن جي لاءِ هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين؛ ۽ اُهو هنن هٿ ڪيو ۽ انهي ۾ رهڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 21:43
26 Iomraidhean Croise  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو.


شل هو ابراهيم واري برڪت تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي بہ ڏئي، تہ جيئن هيءُ ملڪ، جيڪو خدا ابراهيم کي ڏنو هو جنهن ۾ تون پرديسي ٿي پيو گذارين، سو تو کي ورثي ۾ ملي.“


اسان جا ابا ڏاڏا هِتي آباد ٿي ويا ۽ تنهنجي نالي لاءِ هنن مقدس هيڪل جوڙي.


سو هو انهيءَ ملڪ ۾ ويا ۽ وڃي مٿس قبضو ڪيائون. جيڪي ڪنعاني اتي رهندا هئا، تن کي بادشاهن سميت تو هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ کين جيئن وڻي تيئن ساڻن سلوڪ ڪن.


تو سندس دل کي پاڻ ڏانهن سچو ڏٺو، ۽ ساڻس عهد ٻڌو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، يبوسين ۽ جِرجاشين جو ملڪ انهيءَ جي اولاد کي عطا ڪندين. تو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ تہ تون سچو آهين.


هو ابد تائين پنهنجي عهد کي ياد رکڻ وارو آهي، يعني انهيءَ واعدي کي جيڪو هزار پيڙهين لاءِ هن فرمايو هو،


تنهنجي قوم انهيءَ ملڪ تي پنهنجي تلوار سان قبضو نہ ڪيو هو، نڪي هنن پنهنجي طاقت سان اهو فتح ڪيو هو، بلڪ تنهنجي زورآور هٿ ۽ تنهنجي وڏي قدرت ئي هي سڀ ڪيو. تو هنن تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪئي، ڇاڪاڻ تہ تو کين پيار ٿي ڪيو.


هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.


انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.


هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.


اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهيءَ ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ مون اهو ملڪ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏنو آهي.


”بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيندا، جيڪو اوهان کي ورثي طور ورهائجي ملندو، تنهن جون سرحدون هي هونديون.


اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي وڃي قبضو ڪريو. سو اوهين انهيءَ تي قبضو ڪندا ۽ ان ۾ رهندا.


”جن قومن جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تن قومن کي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سامهون تباهہ ڪري ڇڏيندو ۽ اوهين سندن ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهڻ لڳندا.


”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو ۽ چئو تہ ’پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن وانگر اسين بہ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريون،‘


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هي اهو ئي ملڪ آهي جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو سندن اولاد کي ڏيندس. اهو مون تو کي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون پار ٽپي اوڏانهن ڪين ويندين.“


مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون ئي هنن ماڻهن کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ويندين جنهن جي ڏيڻ بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


تنهنجو معبود ڪموس جيڪي تو کي ورثو ڪري ڏئي، تون اهو هٿ نہ ڪندين ڇا؟ ساڳيءَ طرح جن کي خداوند اسان جي خدا اسان جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تن جي ملڪ تي اسان قبضو نہ ڪيون ڇا؟


جڏهن يعقوب پنهنجي گھراڻي سميت مصر ۾ آيو ۽ مصري کين ستائڻ لڳا، تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ فرياد ڪيو. سو خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آڻي هتي اچي آباد ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan