Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 21:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اتي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ انهن کي چيائون تہ ”خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو تہ اسان کي رهڻ لاءِ شهر ۽ اسان جي چوپائي مال جي چاري لاءِ آس‌پاس جا چراگاهہ ڏنا وڃن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ سيلا ۾ اچي چيائون، تہ خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڪيو هو تہ اسان کي رهڻ لاءِ شهر، ۽ اسان جي چوپائي مال چارڻ لاءِ انهن جون ٻهراڙيون ملن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 21:2
9 Iomraidhean Croise  

انهيءَ هوندي بہ لاوين کي اهو حق رهندو تہ هو پنهنجن مليل شهرن اندر پنهنجي ملڪيت وارا گھر ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگھن.


سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي.


جيڪو خدا جي ڳالهين جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو ۽ زمين ورهايائون.


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب لاوين کي پنهنجي ورثي مان هي شهر ۽ چراگاهہ ڏنا:


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan