Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 21:17 - Muslim Sindhi Bible

17 بنيامين جي قبيلي مان کين هي شهر ڏنائون: جِبعون، جِبع،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 ۽ بنيمين جي فرقي مان، جبعون سندس ٻهراڙين سميت، جبع سندس ٻهراڙين سميت؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 21:17
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ بادشاهہ آسا سڄي يهوداہ ۾ حڪم جاري ڪيو ۽ ڪنهن کي بہ نہ بخشيائين، تہ اهي رامہ مان اهي پٿر ۽ اهو ڪاٺ جيڪو بادشاهہ بعشا رامہ کي ڪوٽ ڪڍائڻ لاءِ ڪم ٿي آندو، سو کڻي اچن. انهيءَ سامان مان بادشاهہ آسا جِبع شهر جيڪو بنيامين جي علائقي ۾ آهي ۽ مصفاہ شهر کي ڪوٽ ڪڍايو.


يوسياہ بادشاهہ سڄي يهوداہ جي شهرن مان سڀني ڪاهنن کي يروشلم ۾ گھرايو. هن سڄي ملڪ ۾ جِبع کان وٺي بيرسبع تائين ٽڪرن تي ٺهيل انهن غير معبودن جي پوڄا گھرن جي بي‌حرمتي ڪرائي، جتي اهي ڪاهن قربانيون پيش ڪندا هئا. هن اهي سڀيئي قربان‌گاهون بہ ڊهرائي ڇڏيون جيڪي شهر جي حاڪم يشوع جي دروازي جي لنگھہ وٽ شهر جي مکيہ دروازي جي کاٻي پاسي هيون.


بنيامين جي علائقي مان کين هي شهر چراگاهن سميت ڏنا ويا: جِبع، علمت ۽ عنتوت. اهي جملي تيرهن شهر هئا، جيڪي کين رهڻ لاءِ ڏنا ويا.


اهود جو اولاد هي هو: نعمان، اخياہ ۽ جيرا. اهي جِبع شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا، جن کي مناحت ڏانهن نڪري وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. عزا ۽ اخيهود جو پيءُ جيرا کين اوڏانهن وٺي هليو ويو.


هو لنگھہ کان گذري ويا آهن، ۽ جِبع شهر ۾ رات رهي پيا آهن. رامہ جا رهاڪو خوف وچان ڏڪي رهيا آهن، بادشاهہ سائول جي شهر جِبعت جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن.


اتر ۾ جِبع کان وٺي ويندي ڏکڻ ۾ رمون تائين سڄو ملڪ سنئون سڌو ميدان ٿي پوندو، جڏهن تہ يروشلم شهر بلنديءَ تي هوندو. هي شهر بنيامين دروازي کان ڪنڊ نالي پراڻي دروازي تائين ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ کان انگورن جي شاهي چيچڙن تائين پکڙجي ويندو.


عنتوت ۽ علمون ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آس‌پاس جا چراگاهہ. اهي ڪل چار شهر کين ڏنا ويا.


پر جڏهن جِبعون شهر ۾ رهندڙ حوين ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئي شهرن سان ڇا ڇا ڪيو آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan