Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 20:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ هنن نفتاليءَ واري ڪوهستان ۾، جليل منجهہ قادس، ۽ افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ۽ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، پناهہ جا شهر مقرر ڪيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 20:7
22 Iomraidhean Croise  

هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو.


رحبعام سڪم شهر ڏانهن ويو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


نفتالي قبيلي جا حمون، قريتائم ۽ گليل ۾ قادس شهر.


رحبعام سڪم شهر ڏانهن روانو ٿيو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


اوهين لاوين کي ڇهہ شهر پناهہ جي لاءِ ڏجو، تہ جيئن جنهن ماڻهوءَ جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي. انهن کان سواءِ اوهين کين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ ڏجو.


تنهن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يهوديہ جي هڪڙي شهر ڏانهن ويئي.


تڏهن اوهين انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ٽي وڌيڪ شهر پنهنجي لاءِ ڌار ڪجو. انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا ميراث طور اوهان کي ڏيڻ وارو آهي تنهن ۾ بي‌گناهہ جو رت نہ وهايو وڃي ۽ اهو خون اوهان جي سر تي نہ پوي. خدا اوهان جي سرحد ضرور وڌائيندو پر شرط هي آهي تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکندا ۽ هميشہ سندس واٽن تي هلندا.


پوءِ موسيٰ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا،


قادس جو بادشاهہ، ڪرمل واري يقنعام جو بادشاهہ،


حبرون شهر کي اڳي قريت‌اربع، اربع نالي ماڻهوءَ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو، جيڪو عناق جي راڪاس جهڙي اولاد ۾ سڀ کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي هن يفنہ جي پٽ ڪالب کي يهوداہ قبيلي جي علائقي مان قريت‌اربع يعني حبرون شهر ڏنو جيڪو اڳ ۾ عناق جي وڏي اربع جو هو.


قلعن وارا شهر هي هئا: صديم، صير، حمات، رقت، ڪنرت،


ادامہ، رامہ، حصور،


قادس، ادرعي، عين‌حصور


اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.


هنن کي يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت ڏنو ويو. اربع بني عناق جو وڏو هو.


حبرون، جيڪو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، سو ۽ ان جي آس‌پاس جي چراگاهن کان علاوہ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن هي شهر بہ ڏنا: لبناہ،


هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا: افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، جزر،


نفتالي قبيلي مان کين هي ٽي شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت مليا: گليل علائقي ۾ قادس جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، حمات‌دور ۽ قرتان.


يشوع بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيو. هن بني اسرائيل جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي گھرايو ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا.


تڏهن ابيملڪ ولد جِدعون پنهنجي مامن وٽ سڪم شهر ۾ ويو ۽ انهن کي ۽ پنهنجي ناناڻن جي سڄي گھراڻي کي چيائين تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan