Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 20:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو اتفاق سان يا بناارادي ڪنهن کي ماري وجھي، سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل چڪ ۾ ڪنهن کي ماري وجهي، سو اُنهن ۾ ڀڄي وڃي: اُهي شهر خون جي بدلي وٺڻ واري کان اوهان جي پناهہ جا هنڌ ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 20:3
8 Iomraidhean Croise  

تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“


بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.


اهي شهر اوهان جي لاءِ وير وٺڻ واري کان پناهہ‌گاهہ هوندا. اهو انهيءَ لاءِ تہ خوني جيستائين قوم جي اڳيان فيصلي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيستائين اُهو ماريو نہ وڃي. اوهين ڇهہ پناهہ جا شهر ڏجو،


مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.


پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي دشمنيءَ کان سواءِ اتفاقاً ڌڪو ڏئي يا غير ارادي طور ڪا شيءِ مٿس اڇلائي،


سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جن پناهہ جي شهرن بابت مون موسيٰ جي معرفت اوهان کي چيو هو سي مقرر ڪريو.


جڏهن هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي تڏهن شهر جي ٻاهرين دررازي تي بيهي انهيءَ شهر جي اڳواڻن کي پنهنجو احوال ٻڌائي. پوءِ هو انهيءَ کي شهر اندر وٺي وڃن ۽ اتي رهڻ لاءِ کيس هڪڙي جاءِ ڏين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan