يشوع 2:9 - Muslim Sindhi Bible9 ۽ کين چيائين تہ ”مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اوهان جو ڊپ اسان تي ايترو تہ وٺي ويو آهي جو هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان بني اسرائيل جي خوف کان هيسجي ويا آهن. Faic an caibideilSindhi Bible9 ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن. Faic an caibideil |
امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.
هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.