يشوع 2:3 - Muslim Sindhi Bible3 سو بادشاهہ راحب ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيڪي ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ آيا آهن.“ Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ يريحو جي بادشاهہ راحب کي ماڻهو موڪليو تہ جيڪي ماڻهو تو وٽ آيا آهن، ۽ تنهنجي گهر لٿا پيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر: ڇالاءِ جو هو هن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ آيا آهن. Faic an caibideil |
تڏهن بني عمون جي اڳواڻن پنهنجي آقا حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين ائين سمجھيو ٿا تہ دائود عذرخواهي ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان ڪري رهيو آهي؟ ڇا دائود پنهنجا قاصد اوهان ڏانهن انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن تہ هو شهر جو حال احوال لهي، انهيءَ جي جاسوسي ڪري ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري ڇڏي؟“
جيتوڻيڪ اهي وٽس اڃا رهيل هئا، تنهن هوندي بہ هن بادشاهہ جي ماڻهن کي وراڻيو تہ ”مون وٽ ٻہ ماڻهو برابر آيا هئا، پر مون کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جا هئا ۽ ڪيڏانهن ويا. هو رات جو شهر جي دروازي بند ٿيڻ وقت هتان هليا ويا. اوهين جيڪڏهن جلدي انهن جو پيڇو ڪندا تہ هنن کي وڃي پهچندا.“ پر راحب تہ انهن ٻنهي کي گھر جي ڇت تي وٺي وڃي کين سڻيءَ جي ڪاٺين ۾ لڪايو هو، جيڪي هن اتي ٺاهي جوڙي رکيون هيون.