Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 2:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هنن يشوع کي وڌيڪ چيو تہ ”پڪ سان خداوند اهو سڄو ملڪ اسان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اتان جا سڀ رهاڪو اسان جي خوف کان هيسجي ويا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

24 ۽ هنن يشوع کي چيو تہ بيشڪ خداوند اهو سڄو ملڪ اسان جي حوالي ڪيو آهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ ملڪ جا سڀيئي رهاڪو اسان جي اڳيان هيسجي ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 2:24
16 Iomraidhean Croise  

ادوم جي اڳواڻن کي پڻ دهشت اچي ورتو، موآبي اڳواڻن کي بہ بيحد ڏڪڻيءَ اچي ورايو، ۽ ڪنعان جو هر ڪو رهاڪو همت هاري ويٺو.


آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا.


ايماندار قاصد پنهنجي موڪلڻ واري لاءِ ائين آهي، جيئن لاباري واري گرم موسم ۾ ٿڌو پاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي مالڪ جي جان کي تازگي ٿو بخشي.


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.


تڏهن ٻيئي جاسوس جبلن تان لهي، نديءَ جي گھير وٽان ٽپي يشوع ولد نون وٽ موٽي آيا ۽ جيڪي ساڻن وهيو واپريو هو سو سڀ کيس ٻڌايائون.


امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ يريحو شهر، انهيءَ جي بادشاهہ ۽ جنگي جوانن سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏيان ٿو.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، نڪي بي‌همت ٿيءُ. سڀ جنگي جوان پاڻ سان کڻ ۽ عئي شهر تي وڃي حملو ڪر. ڏس، مون عئيءَ جو بادشاهہ، سندس قوم، سندس شهر ۽ سندس علائقو تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند جواب ڏنو تہ ”يهوداہ قبيلو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو ملڪ مون سندن ئي حوالي ڪيو آهي.“


جڏهن اوهين اتي پهچندا تڏهن هڪڙي بي‌خوف وَ خطر قوم ڏسندا. سندن ملڪ ڪشادو آهي جيڪو خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي نہ آهي.“


انهيءَ ئي رات خداوند جِدعون کي چيو تہ ”اُٿ ۽ هيٺ لهي خيمي‌گاهہ تي حملو ڪر، آءٌ تو کي مٿس سوڀ ڏيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan