يشوع 2:14 - Muslim Sindhi Bible14 تڏهن انهن وراڻيس تہ ”شل خدا اسان جي جان وٺي جيڪڏهن اسين ائين نہ ڪريون جيئن چئون ٿا. جيڪڏهن تون اسان جي هيءَ ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ پوءِ جڏهن خداوند اسان کي هي ملڪ ڏيندو تڏهن اسين تو سان مهربان ۽ وفادار رهنداسين.“ Faic an caibideilSindhi Bible14 ۽ انهن ماڻهن هن کي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن تون هيءَ اسان جي ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ اسان جي حياتيءَ جو عيوض اوهان جي سلامتي ٿيندي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند اسان کي هيءَ زمين ڏيندو، تڏهن اسين تو سان مهرباني ۽ سچائيءَ جي هلت سان پيش اينداسين. Faic an caibideil |
جڏهن بادشاهہ اتان اچي لنگھيو تہ انهيءَ نبيءَ سڏ ڪري چيس تہ ”اوهان جو ٻانهو جنگ هلندي اتي ويو هو، تڏهن اُتي هڪڙو ماڻهو هڪڙي جنگي قيديءَ کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين تہ ’هن ماڻهوءَ کي قابو ڪر. جيڪڏهن ڪنهن بہ طرح هو غائب ٿي ويو تہ پوءِ هن جي جان جي بدلي ۾ تنهنجي جان ورتي ويندي، يا تو کي چانديءَ جا پنجٽيهہ ڪلوگرام ڀري ڏيڻا پوندا.‘