Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سو هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ خداوند جو مون سان قسم کڻو تہ جهڙو مهربانيءَ وارو سلوڪ مون اوهان سان ڪيو آهي تهڙو ئي سلوڪ اوهين بہ منهنجي اباڻي گھر سان ڪندا. تنهن لاءِ مون کي ڪا اعتبار جوڳي نشاني ڏيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان کي عرض ٿي ڪريان تہ اوهين انهيءَ خدا جو مون سان قسم کڻو، تہ جڏهن مون اوهان کي مهرباني ڏيکاري آهي، تڏهن اوهين بہ منهنجي اباڻي گهر تي مهربان ٿيندا، ۽ مون کي ڪا سچي نشاني ڏيندا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 2:12
24 Iomraidhean Croise  

سو هاڻي هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون سان، منهنجي ٻارن يا منهنجي پوين سان دغا نہ ڪندين. جهڙيءَ طرح آءٌ تو سان وفادار رهيو آهيان، تهڙيءَ طرح تون بہ مون سان ۽ هن ملڪ سان، جنهن ۾ تون پرديسي ٿي رهيو پيو آهين، وفادار رهندين.“


آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.


پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ ابراهيم جي ران جي هيٺان هٿ رکيو ۽ جيڪي ابراهيم چيو هئس تنهن بابت قسم کنيائين.


پر جڏهن تنهنجو ڀلو ٿئي تڏهن مهرباني ڪري منهنجي يادگيري ڪجانءِ ۽ فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪري مون کي هتان ٻاهر ڪڍائجانءِ.


نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.


انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“


جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي.


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي عيسيٰ هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“


بي‌عقل، واعدو نہ پاڙيندڙ، بي‌قربا ۽ بي‌رحم ٿي پون ٿا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مائٽن ۽ خاص ڪري پنهنجي گھر ٻار جي سار سنڀال نہ ٿو ڪري، تہ اهو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ڪو ايمان ڪونهي.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


تہ اوهين منهنجي پيءُ، ماءُ، ڀائرن، ڀينرن ۽ انهن سڀني جي ڪٽنبن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا ۽ اسان کي موت کان بچائيندا.“


تنهن لاءِ تو کي هي ڪرڻو آهي جو جڏهن اسين هن ملڪ ۾ داخل ٿيون، تڏهن جنهن دريءَ مان تون اسان کي هيٺ لاهين ٿي، تنهن ۾ تون هيءَ لال ڳاڙهي رنگ جي ڏوري ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ تون پنهنجي پيءُ، ماءُ، ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي کي پنهنجي گھر ۾ آڻي گڏ ڪجانءِ.


جيڪو بہ تنهنجي گھر مان نڪري ٻاهر ايندو تہ انهيءَ جو خون انهيءَ مٿان هوندو ۽ اسان جي جوابداري نہ رهندي، پر تنهنجي گھر اندر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجھہ ٿيو تہ اها اسان جي جوابداري هوندي.


پوءِ جيڪي ٻہ ماڻهو اوڏانهن جاسوسي ڪرڻ لاءِ ويا هئا تن کي يشوع چيو تہ ”اوهين ان ڪسبياڻيءَ جي گھر وڃو ۽ پنهنجي کنيل قسم موجب اتان انهيءَ عورت کي ۽ جيڪي وٽس رهيل آهن، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍي اچو.“


پوءِ يشوع ساڻن صلح ڪري کين جيئدان ڏيڻ جو عهد ڪيو ۽ قوم جي اڳواڻن قسم کڻي انهيءَ عهد جي تائيد ڪئي.


جڏهن انهن جاسوسن هڪڙي ماڻهوءَ کي شهر مان ٻاهر ايندي ڏٺو، تڏهن هنن کيس چيو تہ ”اسان کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ڏيکار، اسين تو سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪنداسين.“


تڏهن دائود چيس تہ ”تون مون کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”خدا جو قسم کڻي واعدو ڪر، تہ تون مون کي نہ قتل ڪندين ۽ نہ مون کي منهنجي مالڪ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ تو کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan