Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 19:48 - Muslim Sindhi Bible

48 اهي شهر ۽ ڳوٺ دان قبيلي جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

48 اهو آهي بني دان جي فرقي جو ورثو، سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر سندن ڳوٺن سميت.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 19:48
3 Iomraidhean Croise  

خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“


جيئن تہ بني دان کي پنهنجو علائقو پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ ڏکيو هو، تنهنڪري هنن اتر ۾ ليس شهر تي وڃي حملو ڪيو. اتي جي رهندڙن کي تلوار سان ماري، انهيءَ تي قبضو ڪيائون. پوءِ هو ليس ۾ ئي آباد ٿيا ۽ انهيءَ جو نالو بدلائي پنهنجي ابي ڏاڏي جي نالي پٺيان دان رکيائون.


جڏهن هنن اها زمين ورثي طور ورهائي پوري ڪئي، تڏهن بني اسرائيل پنهنجي وچ ۾ هڪڙو حصو يشوع بن نون کي ملڪيت ڪري ڏنو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan