Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 19:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ساريد جي ٻئي پاسي کان اها اوڀر طرف ڪسلوت‌تبور جي سرحد تائين ويئي، جتان پوءِ دبرت کان ٿيندي يفيع تائين هلي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پوءِ اُها ساريد کان اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي، ڪسلوٿ تبور جي سرحد تائين ڦري ويئي؛ ۽ اڳتي دبرٿ ڏانهن نڪري ۽ يفيع تائين چڙهي ويئي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 19:12
8 Iomraidhean Croise  

اِسڪار قبيلي جا قادس، دبرت،


هائو، اتر کان ڏکڻ تائين تو ئي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي. سو تبور ۽ حرمون جبل بہ تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ڪن ٿا.


جتان اها اولهہ ڏانهن مرعلہ تائين ويئي. اتان اها دباست کان ٿيندي، يقنعام پهاڙيءَ جي اوڀر پاسي برساتي نهر تائين وڃي پهتي.


اُتان اُها اڃا بہ اوڀر طرف جات‌حفر ۽ عِتہ‌رهبرن ڏانهن ويئي، جتان رمون تائين پهچي پوءِ نيعہ ڏانهن ڦري.


اُها سرحد تبور جبل، شخصيماہ ۽ بيت‌شمس کان ٿيندي وڃي اردن درياءَ تي ختم ٿي. انهن جي حصي ۾ ڪل سورهن شهر ۽ آس‌پاس وارا ڳوٺ مليا.


اِسڪار قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت مليا: قسيون، دبرت،


جڏهن سيسرا کي خبر پيئي تہ ابي‌نوعم جو پٽ برق، تبور جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.


هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابي‌نوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan