Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 18:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اوهين انهن ستن حصن جو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ پوءِ آءٌ خداوند اسان جي خدا جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 18:6
11 Iomraidhean Croise  

جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تان‌تہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“


انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.


ڪڻو وجھڻ سان جھڳڙن کي ٽاري سگھجي ٿو، ۽ طاقتورن جي وچ ۾ انهيءَ جي وسيلي فيصلو ٿئي ٿو.


اوهين اهو ملڪ پُکا وجھي پنهنجن اباڻن قبيلن موجب ورهائي کڻجو. گھڻن کي گھڻو ورثو ڏجو ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو. جنهن ماڻهوءَ جي نالي جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهيءَ کي ڏجو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.


تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو.


سندن اهو ورثو ڪڻن جي ذريعي انهن ساڍن نون قبيلن کي ورهائي ڏنو ويو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.


تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.


پر لاوين کي اوهان سان گڏ حصو نہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي. ان کان علاوہ جد، روبن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي پنهنجو ورثو اردن درياءَ جي هن ڀر اوڀر طرف اڳي ئي ملي چڪو آهي. خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اهو ڏنو هو.“


تڏهن اُهي ماڻهو اُٿي روانا ٿيڻ لڳا ۽ يشوع کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”وڃو ۽ انهيءَ ملڪ جي جائزو وٺي اُهو بيان لکو. پوءِ مون وٽ موٽي اچو تہ آءٌ هتي سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan