خداوند فرمايو تہ ”انهيءَ وقف ڪيل وچ واري حصي کان وٺي ملڪ جي ڏاکڻي سرحد تائين، باقي ٻين قبيلن کي جيڪي حصا ڏنا ويندا سي هن ترتيب سان مقرر آهن: بنيامين، شمعون، اِسڪار، زبولون ۽ جد. هر ڪنهن جو حصو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو.
انهيءَ حصي جي سرحد اتر پاسي اردن درياءَ کان شروع ٿي، يريحو شهر جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي اولهہ طرف جابلو علائقي منجھان لنگھندي بيتآون جي بيابان تائين آئي.
موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.