Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 18:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ اُها سرحد اتان انهيءَ ٽڪري جي اولهہ طرف کان ڦري ڏکڻ ڏانهن قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ڏانهن ويئي. اهو شهر بني يهوداہ جي ملڪيت آهي. اها ئي اولهہ واري سرحد هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 پوءِ اُها سرحد اُتان نڪتي، ۽ جيڪا ٽڪري بيت حورون جي سامهون ڏکڻ ڏانهن آهي، تنهن جي چوڌاري ڦري ڏکڻ ڏانهن ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي قريٿ بعل وٽ بيٺي (جو قريٿ بعريم آهي)، ۽ بني يهوداہ جو شهر آهي: اها هئي اُلهندي واري سرحد.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 18:14
9 Iomraidhean Croise  

هو انهن سڀني کي ساڻ ڪري يهوداہ جي بعلہ شهر ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي، جيڪا قادرِمطلق خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جيڪو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ صندوق تي تخت‌نشين آهي.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ۽ ربہ، ڪل ٻہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


پوءِ جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي چشمن وٽان نڪري عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي ۽ اتان لهي بعلہ يعني قريت‌يعريم ڏانهن آئي.


اتان اها لُوز يعني بيت‌ايل جي ڏاکڻي لاهيءَ ڏانهن ٽپي ويئي ۽ اتان لهي عطارات ادار ڏانهن انهيءَ ٽڪريءَ تائين ويئي جا هيٺاهين بيت‌حورون جي ڏکڻ ۾ آهي.


ڏکڻ واري سرحد اولهہ کان قريت‌يعريم جي پڇاڙيءَ کان شروع ٿي نفتوح واري چشمي تائين نڪري ويئي.


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


ٻي ٽوليءَ ڦري بيت‌حورون جو رستو ورتو ۽ ٽين ٽولي انهيءَ سرحد واري رستي سان وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي ماٿري بيابان واري طرف ڏسڻ ۾ پئي آئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan