Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 18:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ حصي جي سرحد اتر پاسي اردن درياءَ کان شروع ٿي، يريحو شهر جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي اولهہ طرف جابلو علائقي منجھان لنگھندي بيت‌آون جي بيابان تائين آئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ انهن جي سرحد اُتر پاسي يردن کان هلي؛ ۽ اُها سرحد اُتر ڏي يريحو جي پاسي ويئي، ۽ اُتان جبلن منجهان لنگهي اُلهندي ڏي ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي بيٿ آون جي بيابان تي بيٺي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 18:12
11 Iomraidhean Croise  

اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“


بني يوسف کي مليل حصي جي سرحد يريحو شهر جي اردن نديءَ کان يريحو جي چشمن جي اوڀر کان شروع ٿي ۽ اتان کان بيابان منجھان لنگھندي بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ وڃي نڪتي.


بني بنيامين جي قبيلي جو ڪُڻو سندن گھراڻن موجب هن حصي تي پيو، جيڪو علائقو کين بني يهوداہ ۽ بني يوسف جي قبيلن جي وچ ۾ مليو.


پوءِ يشوع شطيم وٽان خيمي‌گاهہ مان ٻہ ماڻهو جاسوس ڪري موڪليا. هن کين چيو تہ ”اوهين ڳجھيءَ طرح وڃي ڪنعان ملڪ جي، خاص طور تي يريحو شهر مان جاچ لهي اچو.“ تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ يريحو شهر ۾ آيا. اتي هو راحب نالي هڪ ڪسبياڻيءَ جي گھر ۾ وڃي رات رهيا.


تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.


يريحو شهر جا دروازا بني اسرائيل جي خوف سبب وڏي مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويا هئا. نہ تہ ڪو شهر کان ٻاهر ٿي آيو ۽ نہ ئي وري ڪو اندر ٿي ويو.


يشوع يريحو مان عئي شهر ڏانهن ڪجھہ ماڻهو موڪليا، جيڪو بيت‌ايل جي اوڀر طرف بيت‌آون جي ويجھو آهي. هن کين چيو تہ ”اوهين وڃي انهيءَ علائقي جي جاسوسي ڪري اچو.“ سو اهي ماڻهو ويا ۽ عئي شهر جي جاسوسي ڪيائون.


تڏهن يشوع ۽ ٻيا بني اسرائيل هنن جي اڳيان شڪست کاڌل هجڻ جو ڍونگ ڪري بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا.


فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan