Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 18:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 18:1
26 Iomraidhean Croise  

جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گھر ۾ ڪين رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.


يربعام پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”پنهنجو ويس مَٽاءِ تہ جيئن تو کي ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھي تہ تون منهنجي زال آهين. پوءِ سيلا شهر ڏانهن وڃ جتي اخياہ نالي اهو نبي رهي ٿو، جنهن مون کي چيو هو تہ ’تون بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جو بادشاهہ ٿيندين.‘


سو يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ سيلا شهر ڏانهن اخياہ جي گھر ويئي. جيئن تہ وڏيءَ عمر جي ڪري اخياہ جون اکيون ويهجي ويون هيون سو هو ڏسي نہ ٿي سگھيو.


اهڙيءَ طرح سليمان ابي‌ياتر کي خداوند جي ڪهانت واري عهدي تان لاهي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان هن خداوند جي اڳ ۾ فرمايل ڳالهہ پوري ڪئي جيڪا خداوند سيلا شهر ۾ عيليءَ جي گھراڻي بابت ڪئي هئي.


سو هو انهيءَ ملڪ ۾ ويا ۽ وڃي مٿس قبضو ڪيائون. جيڪي ڪنعاني اتي رهندا هئا، تن کي بادشاهن سميت تو هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ کين جيئن وڻي تيئن ساڻن سلوڪ ڪن.


تنهنڪري هن سيلا شهر واري مقدس جاءِ ۾ پنهنجو رهڻ ڇڏي ڏنو، يعني انهيءَ خيمي کي ڇڏي ڏنائين، جتي هو انسانن جي وچ ۾ رهيو ٿي.


پوءِ هن پنهنجي دشمنن کي ماري ماري پٺتي ڀڄايو، ۽ کين هميشہ لاءِ خوار خراب ڪري ڇڏيائين.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


تون خداوند جي نالي ۾ اڳڪٿي ڪري ڇو چوين ٿو تہ هيءَ هيڪل سيلا شهر جهڙي ٿي ويندي ۽ هي شهر اهڙو ويران ڪيو ويندو جو ڪوبہ منجھس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟“ تڏهن خداوند جي گھر ۾ موجود سڀيئي ماڻهو منهنجي چوڌاري اچي گڏ ٿيا.


تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.


پوءِ جڏهن اهو ملڪ خداوند جي آڏو قبضي ٿي وڃي، تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي هتي موٽي اچو. تڏهن اوهين خداوند ۽ بني اسرائيل جي جنگي فرض کان آجا رهندا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف وارو هيءُ ملڪ خداوند جي طرفان اوهان کي ملڪيت ٿي ملندو.


اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو.


پر انهن مان اڃا ست قبيلا رهيل هئا جن کي پنهنجو ورثو ورهائجي ڪونہ مليو هو.


تڏهن اُهي ماڻهو اُٿي روانا ٿيڻ لڳا ۽ يشوع کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”وڃو ۽ انهيءَ ملڪ جي جائزو وٺي اُهو بيان لکو. پوءِ مون وٽ موٽي اچو تہ آءٌ هتي سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.“


اِهي آهن اُهي علائقا جيڪي اليعزر ڪاهن، يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي گھراڻن جي وڏن سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ ڪُڻان وجھي ورهايا. اهڙيءَ طرح هنن انهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.


اتي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ انهن کي چيائون تہ ”خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو تہ اسان کي رهڻ لاءِ شهر ۽ اسان جي چوپائي مال جي چاري لاءِ آس‌پاس جا چراگاهہ ڏنا وڃن.“


تڏهن سڄي قوم سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، انهيءَ لاءِ تہ انهن سان وڃي جنگ ڪن.


جيڪڏهن اها زمين جيڪا اوهان کي ورثي طور ملي آهي سا ناپاڪ آهي، تہ پوءِ اردن جي اولهہ طرف خداوند جي زمين ۾ لنگھي اچو، جتي سندس مقدس خيمو لڳل آهي ۽ زمين ۾ اسان سان گڏ حصو وٺو. پر خداوند اسان جي خدا جي قربان‌گاهہ کان سواءِ پنهنجي لاءِ ڪا ٻي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند ۽ اسان جي خلاف بغاوت نہ ڪريو.


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.


اهڙيءَ طرح جيستائين خدا جو گھر سيلا شهر ۾ هو، تيستائين ميڪاہ جو ٺاهيل بت هنن کوڙي رکيو.


اهڙيءَ طرح يبيس جي رهاڪن مان هنن کي چار سؤ ڪنواريون ڇوڪريون هٿ آيون. هو انهن کي سيلا شهر واري لشڪر‌گاهہ ۾ وٺي آيا، جيڪو اتي ڪنعان ملڪ ۾ ئي آهي.


سيلا شهر بيت‌ايل جي اتر ۾، لبونہ شهر جي ڏکڻ ۾ ۽ بيت‌ايل کان سڪم ڏانهن ويندڙ انهيءَ شاهي رستي جي اوڀر ۾ آهي. سو هنن سوچ ويچار ڪري بني بنيامين کي چيو تہ ”جيئن تہ سيلا شهر ۾ خداوند جي سالياني عيد اچڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين وڃو ۽ انگورن جي باغ ۾ لڪي تاڙ ٻڌي ويهي رهو.


پوءِ جڏهن انهيءَ جو ٿڃ ڇڏايائين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي ٻار کي ساڻ ڪري، هڪ ٽسالو وهڙو، ڏهہ ڪلوگرام اٽو ۽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ پاڻ سان کڻي سيلا شهر ۾ خداوند جي مقدس خيمي وٽ آئي.


القانہ هر سال قادرِمطلق خداوند جي مقدس خيمي آڏو عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڪرڻ واسطي پنهنجي شهر مان نڪري سيلا شهر ڏانهن ويندو هو. اتي عيليءَ جا ٻہ پٽ حفني ۽ فينحاس خداوند جا ڪاهن مقرر ٿيل هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan