Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 17:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري اهو اردن جو اولهہ وارو ورثو بني منسيءَ مان باقي بچيل گھراڻن جو هو، يعني بني ابيعزر، بني خلق، بني اسري‌ايل، بني سڪم، بني حفر ۽ بني سميدع جو. اهي يوسف جي پٽ منسيءَ جو نرينہ اولاد هئا جيڪي پنهنجي گھراڻن جا وڏا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 بني منسيءَ مان باقي جيڪي بچيا هئا، تن کي بہ سندن قبيلن موجب هي حصو مليو؛ يعني ابيعزر جي اولاد لاءِ، ۽ بني خلق جي اولاد لاءِ، ۽ اسرائيل جي اولاد لاءِ، ۽ سڪم جي اولاد لاءِ، ۽ حفر جي اولاد لاءِ، ۽ سميدع جي اولاد لاءِ: اهي آهن يوسف جي پٽ منسيءَ جو اولاد سندن قبيلن موجب.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 17:2
6 Iomraidhean Croise  

جِلعاد جي ڀيڻ همولڪت کي اشهود، ابيعزر ۽ محلہ ڄاوا.


يوسف جي پهريتي پٽ منسيءَ جي قبيلي کي سندس باقي رهيل ورثو ڏنو ويو. جيئن تہ منسيءَ جو پهريتو پٽ مڪير جيڪو جِلعاد جو پيءُ هو تنهن جي قبيلي کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن وارا علائقا ملي چڪا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي جوڌا هئا،


صلافحاد ولد حفر ولد جِلعاد ولد مڪير ولد منسيءَ کي پٽ ڪونہ هو، پر رڳو ڌيئر هئس. انهن جا نالا محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ هئا.


هڪڙي ڏينهن خداوند جو ملائڪ عفرہ ڳوٺ ۾ آيو ۽ يوآس ابيعزريءَ واري شاهہ‌بلوط وڻ هيٺ ويهي رهيو. اتي يوآس جو پٽ جِدعون انهيءَ وقت انگورن جي چيچڙي ۾ مديانين کان لڪي ڪڻڪ پئي ڳاهي.


تڏهن هن کين چيو تہ ”اوهان ايڏا تہ وڏا ڪم ڪيا آهن جو انهن جي ڀيٽ ۾ مون ڪجھہ بہ نہ ڪيو آهي. اوهان جي قبيلي افرائيم جا عمل اهڙا تہ اعليٰ آهن جو ڄڻ اوهان جي انگورن جي هڪڙيءَ ول جا داڻا منهنجي گھراڻي ابيعزر جي انگورن جي سڄي فصل کان بهتر آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan