Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 17:18 - Muslim Sindhi Bible

18 بلڪ اهو ٻيلي وارو جابلو علائقو بہ اوهان جو ٿيندو. انهيءَ کي وڍي صاف ڪريو ۽ انهيءَ جون ڏورانهيون حدون اوهان جون ٿينديون ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ هو مضبوط آهن تہ بہ اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 پر اهو جابلو ملڪ اوهان جو ٿيندو؛ ۽ جيتوڻيڪ اُتي جهنگ آهي پر اوهين اُهو وڍي صفا ڪندا، ۽ انهن جون ٻاهريون حدون بہ اوهان جون ٿينديون: ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ زور ڀريا آهن، تہ بہ اوهين هنن کي هڪالي ڪڍندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 17:18
18 Iomraidhean Croise  

پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.


تڏهن دائود جو لشڪر ٻين بني اسرائيل وارن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ميدان تي آيو ۽ افرائيم جي ٻيلي ۾ جنگ لڳي.


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


جيئن جوان ڍڳو يا جھنگلي سانَهہ تمام طاقتور ٿين ٿا، تيئن بني يوسف جي طاقت ئي سندن شان آهي. جهڙيءَ طرح جھنگلي سانُهہ پنهنجي سڱن سان حملو ڪري ٿو، تهڙيءَ ئي طرح افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن جا لکين ماڻهو سڀني قومن کي ڌِڪي ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين پهچائيندا.“


تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“


لبنان کان مسرفات‌المائم تائين جابلو علائقن جي سڀني رهاڪن کي صيدانين سميت، آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان سندن علائقي مان ڀڄائي ڪڍندس. تون رڳو اهو ملڪ ورهائي بني اسرائيل کي ورثي طور ڏي، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي.


پوءِ جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي چشمن وٽان نڪري عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي ۽ اتان لهي بعلہ يعني قريت‌يعريم ڏانهن آئي.


پر يشوع بني يوسف جي افرائيم ۽ منسي قبيلن کي چيو تہ ”اوهين گھڻا ۽ وڏي طاقت وارا آهيو. اوهان کي رڳو هڪڙو ئي حصو نہ هوندو،


سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر.


افرائيم جي جابلو علائقي جي رامہ شهر ۾ افرائيم قبيلي جي صوف گھراڻي جو القانہ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو يروحام ولد اليهو ولد توحو ولد صوف هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan