Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 17:14 - Muslim Sindhi Bible

14 بني يوسف يشوع کي چيو تہ ”توهان ڇو اسان کي زمين جو رڳو هڪڙو حصو ورثي طور ڏنو آهي؟ حالانڪ اسين هڪ وڏو قبيلو آهيون، ڇو تہ خداوند اسان ۾ برڪت وڌي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 17:14
12 Iomraidhean Croise  

پر پڻس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو منهنجا پٽ! آءٌ ڄاڻان ٿو. منسيءَ بہ وڌي راڄ وارو ٿيندو، هي بہ سردار ٿيندو. تڏهن بہ سندس ننڍو ڀاءُ افرائيم کانئس وڌيڪ ٿيندو ۽ هن جي اولاد مان گھڻيون ئي قومون پيدا ٿينديون.“


سو هن انهيءَ ڏينهن کين هي چوندي خير جي دعا ڏني تہ ”بني اسرائيل ٻين لاءِ خير جي دعا گھرڻ مهل هيئن چوندا تہ ’شل خدا تو کي افرائيم ۽ منسيءَ جهڙو ڪري!‘“ سو هن افرائيم کي منسيءَ تي اوليت ڏني.


ٻيو تہ آءٌ تنهنجي ڀائرن کان تو کي هڪڙي واڌاري حصي طور زمين جي اُها پٽي ڏيان ٿو جيڪا مون جنگ وسيلي امورين کان کسي هئي.“


اِسڪار قبيلي جو اڳواڻ اجال ولد يوسف،


جنهن قبيلي ۾ گھڻا ماڻهو هجن تنهن کي گھڻو حصو ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن تنهن کي ٿورو حصو ڏنو وڃي. مطلب تہ هر هڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب حصو ڏنو وڃي.


انهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي اولاد جي گھراڻن ۾ شادي ڪئي ۽ انهن جو ورثو سندن پيءُ جي قبيلي ۾ ئي رهيو.


اهڙيءَ طرح يوسف جي اولاد يعني منسيءَ ۽ افرائيم قبيلن کي پنهنجو اهو ورثو مليو.


يشوع کين ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن اوهين ايترا گھڻا آهيو ۽ افرائيم جو جابلو علائقو اوهان لاءِ ننڍو آهي تہ پوءِ ٻيلي ڏانهن وڃو ۽ اتي فرزين ۽ رفائين جي علائقي ۾ پنهنجي لاءِ جھنگ وڍي جاءِ ڪريو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan