Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 17:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اِسڪار ۽ آشر جي حدن اندر هي شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت منسيءَ جي ملڪيت هئا: بيت‌شان، ابليعام، عين‌دور، تعناڪ، مجدو ۽ ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري وارو دور.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 17:11
22 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود وڃي جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن کان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جيڪي هنن بيت‌شان جي چونڪ مان چورايا هئا، جتي فلستين هنن کي انهيءَ ڏينهن ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو جنهن ڏينهن سائول کي جِلبوعہ ۾ قتل ڪيو هئائون.


سليمان بادشاهہ هيڪل ۽ پنهنجي محل جوڙائڻ، صيئون جبل جي هيٺاهينءَ کي هڪ ڪرو ڪرائڻ ۽ يروشلم جي چوڌاري ڪوٽ ڪڍرائڻ ۽ حصور، مجدو ۽ جزر شهرن کي نئين سر تعمير ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي بيگار ۾ لڳايو.


جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو تہ باغ واري گھر جو رستو ڏيئي وٺي ڀڳو. ييهو ان جو پيڇو ڪيو ۽ رڙيون ڪندي چوندو ٿي ويو تہ ”انهيءَ کي بہ ماريو.“ تڏهن جُور جي چاڙهي، جيڪا ابليعام شهر جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي زخمي ڪري وڌو پر هو مجدو شهر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي ئي مري ويو.


منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي مان بني قهات جي گھراڻن کي عانير ۽ بلعام شهر چراگاهن سميت مليا.


بيت‌شان، تعناڪ، مجدو ۽ دور شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت بني منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جي قبضي هيٺ هئا. هي اهي شهر ۽ علائقا آهن جن ۾ يوسف ولد يعقوب جو اولاد رهندو هو.


انهيءَ هوندي بہ يوسياہ ڪين مڙيو پر ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ پنهنجو ويس مَٽايائين. هن انهيءَ پيغام ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪو نڪوہ خدا جي حڪم سان هن ڏانهن چوائي موڪليو هو، بلڪ هو مجدو ميدان وٽ ساڻس وڙهڻ لاءِ نڪري آيو.


اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.


هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.


انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ ايڏو تہ وڏو سوڳ ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح مگدون جي ماٿريءَ ۾ هدد رمون جي لاءِ سوڳ ڪيو ويندو آهي.


اتر پاسي جابلو علائقن وارا بادشاهہ، گليل ڍنڍ جي ڏکڻ واري اردن ماٿريءَ ۽ هيٺاهين زمينن وارا بادشاهہ ۽ اولهہ ڏانهن ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري تي دور شهر جي آس‌پاس وارا بادشاهہ.


تعناڪ جو بادشاهہ، مجدو جو بادشاهہ،


ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري واري شهر دور جو بادشاهہ، جِلجال جي قومن جو بادشاهہ،


انهيءَ کان علاوہ ڪجھہ شهر ۽ ڳوٺ جيڪي منسي قبيلي جي حدن اندر هئا، سي پڻ افرائيم قبيلي کي ڏنا ويا.


سو ڏکڻ پاسي واري زمين افرائيم جي ملڪيت هئي ۽ اتر پاسي واري زمين منسيءَ جي ملڪيت هئي. ڀونوچ سمنڊ منسيءَ جي اولهہ واري سرحد هئي. منسيءَ جي اتر واري سرحد آشر کان شروع ٿي ۽ اوڀر ۾ اِسڪار بہ سندس اتر واري سرحد هئي.


هنن وراڻيو تہ ”اهو جابلو علائقو اسان جي لاءِ ڪافي ناهي ۽ انهيءَ ماٿريءَ واري ملڪ ۾ جيڪي ڪنعاني رهن ٿا يعني بيت‌شان شهر ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارا ۽ يزرعيل ماٿريءَ وارا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن.“


منسي قبيلي شهر بيت‌شان، تعناڪ، دور، ابليعام ۽ مجدو ۽ انهن جي آس‌پاس ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، ڇو تہ هنن اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.


تڏهن ڪنعان جا بادشاهہ اسان تي حملو ڪرڻ آيا. هو تعناڪ شهر جي ڀرسان مجدو جي چشمن وٽ اچي وڙهيا. پر اسان کي لُٽڻ‌ڦرڻ سندن نصيب ۾ ئي نہ هو،


تڏهن سائول پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”مون کي اهڙي عورت ڳولي ڏيو جيڪا مئلن جي روحن سان ڳالهائيندي هجي، تہ آءٌ وٽس وڃي کانئس پڇاڳاڇا ڪريان.“ سندس عملدارن ٻڌايس تہ ”عين‌دور ڳوٺ ۾ هڪڙي اهڙي عورت آهي.“


هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيت‌شان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون.


تڏهن انهن جا سمورا بهادر ماڻهو اٿيا ۽ راتو رات پنڌ ڪري بيت‌شان شهر ۾ وڃي پهتا، جتان چوريءَ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش ديوار تان لاٿائون ۽ يبيس شهر ۾ موٽي اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan