Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 16:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ کان علاوہ ڪجھہ شهر ۽ ڳوٺ جيڪي منسي قبيلي جي حدن اندر هئا، سي پڻ افرائيم قبيلي کي ڏنا ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ انهيءَ سان گڏ بني افرائيم جي لاءِ متفرقہ شهر، ۽ انهن جا ڳوٺ، بني منسي جي ميراث واري حصي ۾ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 16:9
6 Iomraidhean Croise  

اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.


جيڪو علائقو هنن قبضي ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳا تنهن ۾ بيت‌ايل ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ هئا. اوڀر طرف اهو علائقو نعران تائين ۽ اولهہ ۾ جزر شهر تائين آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت هو. انهيءَ علائقي ۾ سڪم ۽ عزہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت شامل هئا.


پر انهن جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي ڀڄائي نہ ڪڍيو، سو ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين بني افرائيم ۾ رهندا اچن. البت هو ٻانها ٿي انهن جي بيگار جو ڪم ڪندا آهن.


اها سرحد تفوح کان اولهہ ڏانهن قاناہ جي برساتي نهر تائين ويئي ۽ ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. اهو آهي افرائيم قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ورثو.


پوءِ اها سرحد ڏکڻ ۾ قاناہ جي برساتي نهر تائين ويئي. انهيءَ نهر جي ڏکڻ پاسي منسيءَ جا ڪجھہ شهر افرائيم جي علائقي ۾ هئا، جڏهن تہ حقيقت ۾ منسيءَ جي سرحد ان برساتي نهر جي اترئين پاسي کان هئي جا وڃي ڀونوچ سمنڊ تي ختم ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan