Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 16:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اها سرحد تفوح کان اولهہ ڏانهن قاناہ جي برساتي نهر تائين ويئي ۽ ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. اهو آهي افرائيم قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ورثو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 اها سرحد تفوح مان نڪري اُلهندي ڏانهن قاناہ جي نهر تائين ويئي؛ جنهن وڃي سمنڊ تي پڄاڻي ڪئي. اهو آهي بني افرائيم جو ورثو، سندن قبيلن موجب؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 16:8
10 Iomraidhean Croise  

اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.


جيڪو علائقو هنن قبضي ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳا تنهن ۾ بيت‌ايل ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ هئا. اوڀر طرف اهو علائقو نعران تائين ۽ اولهہ ۾ جزر شهر تائين آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت هو. انهيءَ علائقي ۾ سڪم ۽ عزہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت شامل هئا.


سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي.


تفوح جو بادشاهہ، حفر جو بادشاهہ،


انهيءَ کان علاوہ ڪجھہ شهر ۽ ڳوٺ جيڪي منسي قبيلي جي حدن اندر هئا، سي پڻ افرائيم قبيلي کي ڏنا ويا.


منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي کي مليل ورثي جي سرحد اتر ۾ آشر کان وٺي ڏکڻ ۾ سڪم شهر جي اوڀر طرف مڪمتاہ تائين هئي. انهيءَ کان اڳتي ڏاکڻي پاسي عين‌تفوح جو سڄو علائقو انهيءَ سرحد ۾ شامل هو.


عبرون، رحوب، حمون، قاناہ جي برساتي نهر ۽ وڏي صيدا تائين ويئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan