يشوع 16:4 - Muslim Sindhi Bible4 اهڙيءَ طرح يوسف جي اولاد يعني منسيءَ ۽ افرائيم قبيلن کي پنهنجو اهو ورثو مليو. Faic an caibideilSindhi Bible4 انهي طرح يوسف جي اولاد، منسي ۽ افرائيم پنهنجو ورثو ورتو. Faic an caibideil |
خداوند خدا بني اسرائيل جي ماڻهن کي فرمايو تہ ”مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ سندن اولاد کي ميراث طور عطا ڪندس. سو جڏهن اوهان بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ هي ملڪ ورهايو وڃي تڏهن انهيءَ کي هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، جڏهن تہ بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا ڏنا وڃن. ملڪ جون سرحدون هن ريت هونديون.