Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 16:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اتان اولهہ طرف ڏانهن يفليطين قوم جي علائقي ڏانهن لهندي وڃي هيٺئين بيت‌حورون تائين پهتي. وري اها اتان اڳتي هلي جزر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پوءِ اُلهندي ڏانهن لهي يفلطين جي حد ڏانهن وڃي هيٺئين بيٿ حورون ۽ جزر تائين ٿو وڃي ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي ٿي بيهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 16:3
9 Iomraidhean Croise  

ڪجھہ وقت کان پوءِ جزر شهر وٽ ٻيهر فلستين سان جنگ ڇڙي ويئي. سبڪي حوساتيءَ جڏهن سفيءَ نالي هڪڙي راڪاس جهڙي طاقتور شخص کي قتل ڪيو، تڏهن فلستين کي شڪست ملي.


کيس سراہ نالي هڪڙي ڌيءَ بہ هئي، جنهن هيٺاهون ۽ مٿاهون بيت‌حورون ۽ عزن‌سراہ تعمير ڪرايا هئا.


جيڪو علائقو هنن قبضي ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳا تنهن ۾ بيت‌ايل ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ هئا. اوڀر طرف اهو علائقو نعران تائين ۽ اولهہ ۾ جزر شهر تائين آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت هو. انهيءَ علائقي ۾ سڪم ۽ عزہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت شامل هئا.


سليمان مٿاهون بيت‌حورون ۽ هيٺاهون بيت‌حورون بہ وري تعمير ڪرايا. اهي شهر ڪوٽن ۽ دروازن وارا شهر هئا، جن جي دروازن ۾ گز پيل هئا.


سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي.


انهيءَ وقت جزر جو بادشاهہ هورم چڙهائي ڪري لڪيس شهر جي مدد ڪرڻ لاءِ آيو، پر يشوع سندس لشڪر سميت کيس اهڙي تہ شڪست ڏني جو انهيءَ جو ڪوبہ ماڻهو زندہ نہ بچيو.


اتان اها لُوز يعني بيت‌ايل جي ڏاکڻي لاهيءَ ڏانهن ٽپي ويئي ۽ اتان لهي عطارات ادار ڏانهن انهيءَ ٽڪريءَ تائين ويئي جا هيٺاهين بيت‌حورون جي ڏکڻ ۾ آهي.


ٻي ٽوليءَ ڦري بيت‌حورون جو رستو ورتو ۽ ٽين ٽولي انهيءَ سرحد واري رستي سان وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي ماٿري بيابان واري طرف ڏسڻ ۾ پئي آئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan