2 اها بيتايل يعني لوز کان هلندي ارڪين قوم جي علائقي عطارات ۾ آئي.
2 ۽ بيت ايل مان هلي لوز ڏانهن ٿو وڃي، ۽ ارڪين جي سرحد سان لنگهي عطاراٿ ڏانهن ٿو وڃي؛
هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيتايل رکيو. پر اڳ ۾ انهيءَ شهر جو نالو لوز هو.
پوءِ جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تي اچي پهتو، جتي خدا جي عبادت ڪئي ويندي هئي، تڏهن ڏٺائين تہ ارڪي قبيلي وارو سندس دوست حوسي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجھي ساڻس گڏجڻ لاءِ اچي پهتو آهي.
ان کان پوءِ جيئن ئي دائود جو دوست حوسي شهر ۾ آيو، تيئن ابيسلوم بہ يروشلم شهر ۾ پهچي ويو.
پوءِ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابيسلوم وٽ آيو، تڏهن ابيسلوم کي چيائين تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي! خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“
اخيتفل بادشاهہ جو صلاحڪار هو. حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو.
جيڪو علائقو هنن قبضي ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳا تنهن ۾ بيتايل ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ هئا. اوڀر طرف اهو علائقو نعران تائين ۽ اولهہ ۾ جزر شهر تائين آسپاس وارن ڳوٺن سميت هو. انهيءَ علائقي ۾ سڪم ۽ عزہ شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت شامل هئا.
اتان اها لُوز يعني بيتايل جي ڏاکڻي لاهيءَ ڏانهن ٽپي ويئي ۽ اتان لهي عطارات ادار ڏانهن انهيءَ ٽڪريءَ تائين ويئي جا هيٺاهين بيتحورون جي ڏکڻ ۾ آهي.