Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 15:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي چشمن وٽان نڪري عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي ۽ اتان لهي بعلہ يعني قريت‌يعريم ڏانهن آئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پوءِ اُها سرحد ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي پاڻيءَ واري چشمي تائين آئي، ۽ وري چڙهي عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي؛ پوءِ اُها سرحد لهي بعلہ ڏانهن آئي، (جو قريٿ يعريم آهي).

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 15:9
8 Iomraidhean Croise  

هو انهن سڀني کي ساڻ ڪري يهوداہ جي بعلہ شهر ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي، جيڪا قادرِمطلق خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جيڪو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ صندوق تي تخت‌نشين آهي.


دائود بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سميت بعلہ يعني يهوداہ جي قريت‌يعريم شهر ڏانهن خداوند خدا جي عهد واري صندوق انهيءَ ڪري کڻي اچڻ لاءِ ويو، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي نالي سان سڏبي آهي ۽ انهيءَ تي پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ هو تخت‌نشين آهي.


بعلہ، عييم، عضم،


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ۽ ربہ، ڪل ٻہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


ڏکڻ واري سرحد اولهہ کان قريت‌يعريم جي پڇاڙيءَ کان شروع ٿي نفتوح واري چشمي تائين نڪري ويئي.


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


هنن وڃي يهوداہ جي قريت‌يعريم شهر ۾ منزل ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ جاءِ کي اڄ ڏينهن تائين منحہ‌دان سڏيندا آهن. اها جاءِ قريت‌يعريم شهر جي اولهہ ۾ آهي.


سو هنن قريت‌يعريم جي رهاڪن ڏانهن قاصد موڪلي چوايو تہ ”فلستي خداوند جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي آيا آهن. تنهنڪري اوهين اچو ۽ اها پاڻ وٽ کڻي وڃو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan