Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 15:41 - Muslim Sindhi Bible

41 جديروت، بيت‌دجون، نعمہ ۽ مقيدہ، ڪل سورهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

41 ۽ جديروٿ، بيت دجون، نعمہ، ۽ مقيدہ؛ سورهن شهر، سندن ڳوٺن سميت.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 15:41
10 Iomraidhean Croise  

زيتون جا باغ، انجير جا وڻ جيڪي هيٺاهين زمين ۾ هئا تن جو نگران بعل‌حنان جدري هو ۽ زيتون جي تيل جي گدامن جو نگران يوآس هو.


فلستين پڻ هيٺاهين زمين وارن شهرن تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي. هنن بيت‌شمس، ايالون ۽ جديروت شهرن تي ۽ آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت شوڪہ، تمنہ ۽ جِمزو شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتي آباد ٿي ويا.


هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن، اليفز تيماني، بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتيءَ مٿس آيل انهيءَ سڄيءَ مصيبت جو احوال ٻڌو، تڏهن پنهنجي پنهنجي شهر کان اچي گڏ ٿيا ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ هلي ايوب سان ڏک ونڊين ۽ کيس تسلي ڏين.


خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيت‌حورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا.


پوءِ يشوع جا سڀ ماڻهو سلامتيءَ سان موٽي مقيدہ جي خيمي‌گاهہ ۾ يشوع وٽ آيا. انهيءَ علائقي مان ڪوبہ بني اسرائيل جي خلاف زبان نہ چوري سگھيو.


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


مقيدہ جو بادشاهہ، بيت‌ايل جو بادشاهہ،


ڪبون، لحمام، ڪتليس،


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: لبناہ، عتر ۽ عسن،


پوءِ اُها اوڀر طرف بيت‌دجون ڏانهن ويئي ۽ زبولون علائقي ۽ افتاح‌ايل ماٿريءَ کان ٿيندي بيت‌العمق ۽ نفي‌ايل تائين ويئي. پوءِ اُها ڪبول شهر جي اوڀر طرف وٽان لنگھندي


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan