Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 14:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن يشوع ڪالب کي دعا ڪئي ۽ حبرون شهر کيس ورثي طور ڏنائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 تڏهن يشوع هن جي حق ۾ دعا ڪئي، ۽ ڪالب بن يفنہ کي حبرون ورثو ڪري ڏنائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 14:13
16 Iomraidhean Croise  

پوءِ يعقوب موڪلائڻ وقت فرعون لاءِ خير جي دعا گھري وٽانئس ٻاهر نڪري آيو.


پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي اندر وٺي آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريو. يعقوب فرعون لاءِ خير جي دعا گھري.


تنهن کان پوءِ دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ هليو وڃان؟“ خداوند چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ دائود وري پڇيو تہ ”ڪيڏانهن وڃان؟“ خداوند وراڻيس تہ ”حبرون ڏانهن.“


اليعزر جو پيڙهي بہ پيڙهي هي اولاد هو: فينحاس، ابيسوع،


ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ٻنين جي ويجھو شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ قبيلي وارا هنن هنڌن تي رهندا هئا: قريت اربع شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ، ديبون شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ، يقبضي‌ايل شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ،


پر تون تہ انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ بي‌عيب ۽ بي مثال ڪبوتري آهين. تون پنهنجي ماءُ جي پياري ۽ سڪيلڌي ڌيءَ آهين. نوجوان ڇوڪرين، بادشاهہ جي راڻين ۽ سريتين، جن بہ تو کي ڏٺو تن تو کي ساراهيو، ۽ تنهنجي واکاڻ هيئن ڳائڻ لڳيون تہ


تنهنڪري حبرون شهر اڄ ڏينهن تائين ڪالب ولد يفنہ قنزيءَ جي اولاد جي ملڪيت آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي حڪمن جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي.


جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي هن يفنہ جي پٽ ڪالب کي يهوداہ قبيلي جي علائقي مان قريت‌اربع يعني حبرون شهر ڏنو جيڪو اڳ ۾ عناق جي وڏي اربع جو هو.


جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.


جيئن موسيٰ واعدو ڪيو هو، تيئن حبرون شهر ڪالب کي ڏنو ويو، جنهن اتان عناق جي ٽنهي قبيلن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو.


تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيس تہ ”سلامتيءَ سان وڃ. شل بني اسرائيل جو خدا تنهنجي اها مراد پوري ڪري جيڪا تو کانئس گھري آهي.“


اسان ڪريتين جي ڏکڻ واري پاسي تي، يهوداہ جي علائقي تي ۽ ڪالب جي علائقي جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ صِقلاج شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.“


۽ حبرون. دائود انهن سڀني جاين جي ماڻهن ڏانهن بہ لٽ جي مال مان موڪليو جتي هو پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گھمندا ڦرندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan