Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 14:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ کي پنجيتاليهہ سال گذري ويا آهن جڏهن خداوند اِها ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي. اهو تڏهن ٿيو جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ رلندا ٿي رهيا. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي واعدي موجب مون کي جيئرو رکيو آهي. هاڻ ڏس، اڄ منهنجي عمر پنجاسي سال آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 14:10
9 Iomraidhean Croise  

اوهان مان ڪي ويران بيابان ۾ پئي رُليا، جتان کين رهڻ لاءِ ڪنهن شهر جو رستو بہ ڪونہ پئي مليو.


پوءِ اوهان جي آڏو هڪ هزار مرن توڙي کڻي ڏهہ هزار، پر تڏهن بہ اوهان کي ڪو ڇيهو ڪونہ رسندو.


تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.


ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويل ماڻهن مان رڳو نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب ئي وڃي جيئرا رهيا.


هاڻ يشوع تمام پيرسن ٿي چڪو هو. خداوند کيس فرمايو تہ ”تون تمام ٻڍو ٿي ويو آهين، پر اڃا گھڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.


اڄ بہ آءٌ اهڙو ئي مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هئس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو هو. اڄ بہ مون کي جنگ لاءِ يا ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ لاءِ اهڙي ئي طاقت آهي جهڙي اڳي هئي.


تڏهن انهيءَ ڏينهن موسيٰ قسم کڻي مون کي چيو تہ ’جيڪا زمين تو لتاڙي آهي سا ضرور تو ۽ تنهنجي اولاد لاءِ هميشہ جو ورثو ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند منهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي آهي.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan