Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 14:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي اُهي علائقا آهن جيڪي بني اسرائيل کي ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثي طور مليا. اُهي علائقا اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کين ورهائي ڏنا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 14:1
10 Iomraidhean Croise  

ولد ابيسوع ولد فينحاس ولد اليعزر ولد هارون سردار ڪاهن


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ سندن ملڪ جي زمين ورهائي وڃي، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ نذراني طور مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڏکڻ کان اتر طرف ڏهہ ڪلوميٽر هجي. اها سڄي ايراضي مون لاءِ مخصوص هوندي.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو.


سو جڏهن اوهين اردن درياءَ جي پار وڃي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، تڏهن هو اوهان کي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهڻ لڳندا.


لبنان کان مسرفات‌المائم تائين جابلو علائقن جي سڀني رهاڪن کي صيدانين سميت، آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان سندن علائقي مان ڀڄائي ڪڍندس. تون رڳو اهو ملڪ ورهائي بني اسرائيل کي ورثي طور ڏي، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي.


اِهي آهن اُهي علائقا جيڪي اليعزر ڪاهن، يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي گھراڻن جي وڏن سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ ڪُڻان وجھي ورهايا. اهڙيءَ طرح هنن انهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.


اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي گھراڻن جي وڏن وٽ لاوي گھراڻن جا وڏا آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan