Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 13:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هي زمين بہ رهيل آهي: ڪنعانين جو سڄو علائقو، صيدانين جي شهر مغارہ کان وٺي اتر ۾ افيق يعني امورين جي علائقي تائين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ ڏکڻ ۾ عويم: ۽ ڪنعانين جي ساري زمين، ۽ مغارہ جو صيدانين جو آهي، تنهن کان وٺي افيق تائين، يعني امورين جي حدن تائين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 13:4
11 Iomraidhean Croise  

ٻئي سال هن پنهنجو ارامي لشڪر ڪٺو ڪيو ۽ اسرائيل وارن سان وڙهڻ لاءِ افيق شهر ڏانهن ويو.


باقي ٻيا جيڪي بچيا سي افيق شهر ۾ اندر ڀڄي ويا جتي انهن بچي ويلن مان ستاويهہ هزار ماڻهن مٿان ڀت ڪري پيئي. بن‌هدد پڻ شهر ۾ ڀڄي هڪڙي گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪو.


تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.


سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.


افيق جو بادشاهہ، لشرون جو بادشاهہ،


عمہ، افيق ۽ رحوب بہ شامل هئا، ڪل ٻاويهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃي عبن‌عزر هنڌ وٽ تنبو کوڙيا ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق علائقي ۾ وڃي هنيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan