Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 13:33 - Muslim Sindhi Bible

33 پر لاوي قبيلي کي موسيٰ ڪابہ زمين ورثي طور نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا ئي انهن جو ورثو آهي، جيئن ساڻن واعدو ڪيو هئائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

33 پر لاوي جي فرقي کي موسيٰ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو: خداوند، اسرائيل جو خدا، انهن جو ورثو آهي، جيئن هن انهن کي فرمايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 13:33
7 Iomraidhean Croise  

جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ورثي طور ڏنو آهي، تنهن مان ڪاهنن کي ڪابہ ميراث نہ ڏني ويندي، آءٌ ئي انهن لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان. هائو، بني اسرائيل ۾ کين ڪهانيت کان سواءِ ڪوبہ ٻيو حصو ڪونہ ڏنو ويندو، آءٌ پاڻ سندن لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان.


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”اوهان ڪاهنن کي ڪابہ ملڪيت ورثي ۾ نہ ملندي ۽ اوهان کي بني اسرائيل جي ملڪ مان ڪوبہ حصو نہ ڏنو ويندو. آءٌ خداوند ئي اوهان جي لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان.“


انهيءَ ڪري لاوين کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ورثو آهي، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا کين فرمايو.


پر لاوي قبيلي وارن کي موسيٰ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو هو، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانيون ئي انهن جو ورثو هيون، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو.


اهڙيءَ طرح موسيٰ يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ اِهي علائقا ورثي طور ورهائي ڏنا.


پر لاوين کي اوهان سان گڏ حصو نہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي. ان کان علاوہ جد، روبن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي پنهنجو ورثو اردن درياءَ جي هن ڀر اوڀر طرف اڳي ئي ملي چڪو آهي. خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اهو ڏنو هو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan