Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 13:26 - Muslim Sindhi Bible

26 حشبون کان رامت المصفاہ ۽ بطونيم تائين ۽ محنايم کان دبير جي علائقي تائين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ حسبون کان رامٿ المصفاهہ ۽ بطونيم تائين؛ ۽ محنايم کان دبير جي حد تائين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 13:26
14 Iomraidhean Croise  

انهيءَ جاءِ جو نالو مصفاہ بہ رکيو ويو، ڇو تہ لابن چيو تہ ”شل خداوند اسان ٻنهي تي نظر رکي جڏهن اسين هڪٻئي کان ڌار ٿيون!


جڏهن دائود محنايم شهر ۾ پهتو تڏهن سوبي ولد ناحس جيڪو بني عمون جي علائقي جي شهر ربہ جو ويٺل هو، مڪير ولد عمي‌ايل جيڪو لودبار شهر جو ويٺل هو ۽ برزلي جِلعادي جيڪو راجليم جو ويٺل هو، سي ساڻس ملڻ آيا.


هوڏانهن سائول جو سپهہ‌سالار ابنير ولد نير سائول جي پٽ اشبوست کي ساڻ ڪري ڀڄي وڃي اردن درياءَ جي اوڀر واري شهر محنايم ۾ آيو.


اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوسفط جي روبرو پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ جِلعاد علائقي جو رامات شهر اسان جو آهي؟ پر انهيءَ هوندي بہ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي قبضي مان نہ ٿا ڇڏايون.“


عدو جو پٽ اخينداب: محنايم شهر مٿان.


يعزير جو علائقو، جِلعاد جا سڀ شهر ۽ بني عمون جي اڌ زمين عروعير تائين، جيڪو ربہ جي سامهون آهي،


اردن جي ماٿريءَ ۾ بيت هارم، بيت نمرہ، سڪات ۽ صفون ۽ حشبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت سميت، اردن درياءَ جي اوڀر طرف گليل ڍنڍ تائين.


اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.


جد قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،


پوءِ بني عمون جنگ لاءِ تيار ٿي جِلعاد ۾ اچي خيما کوڙيا. بني اسرائيل بہ گڏ ٿي جِلعاد جي ويجھو مصفاہ ۾ اچي خيما کوڙيا.


پوءِ افتاح جِلعاد جي اڳواڻن سان گڏ ويو ۽ اتان جي ماڻهن افتاح کي پنهنجو اڳواڻ ۽ سردار بڻايو. افتاح مصفاہ شهر ۾ خداوند جي آڏو سردار مقرر ٿيڻ وارا شرط ٻڌايا.


تڏهن خداوند جو روح افتاح تي نازل ٿيو. سو هو جِلعاد ۽ منسيءَ کان لنگھي، جِلعاد ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ آيو ۽ اتان بني عمون ڏانهن رخ ڪيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan