Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 13:22 - Muslim Sindhi Bible

22 بني اسرائيل جن کي قتل ڪيو هو تن ۾ بعور جو پٽ بلعام جيڪو فالون وجھندو هو، سو بہ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ۽ بلعام بن بعور، جو فالون وجهندو هو، سو بہ انهن مان هو، جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 13:22
10 Iomraidhean Croise  

سو بني يعقوب تي ڪوبہ جادو ڪين هلندو، نڪي بني اسرائيل تي ڪنهن فال جو ڪو اثر ئي ٿيندو. بلڪ مٿن انهن ڳالهين جو اثر نہ ٿيندو ڏسي هر ڪو چوندو تہ ’واہ، خدا پنهنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو آهي!‘


هاڻ جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي نظر ۾ بني اسرائيل کي ئي برڪت ڏيڻ سٺو آهي، تڏهن هو اڳي وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، بلڪ بيابان ڏانهن کڻي منهن ڪيائين.


بلعام بلق کي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ تہ پنهنجي قوم ڏانهن واپس وڃان ٿو. پر وڃڻ کان اڳ ۾ اچو، تہ آءٌ توهان کي آگاهہ ڪريان تہ هيءَ قوم، توهان جي قوم سان ايندڙ ڏينهَن ۾ ڇا ڪندي.“


انهن مئلن ۾ مديان جا پنج بادشاهہ اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع بہ هئا. هنن بعور جي پٽ بلعام کي بہ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو.


بني روبن جي سرحد اولهہ ۾ اردن درياءَ جو ڪنارو هئي. اهي شهر ۽ ڳوٺ بني روبن جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا.


اهي سچائيءَ واري رستي تان ڀٽڪي بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي پئسن جي لالچ ۾ بڇڙائي ڪرڻ پسند هوندي هئي.


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنهن بلق بادشاهہ کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن گمراهہ ڪري جو اهي بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan