هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيتفعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني.
هن جي بادشاهي اردن درياءَ جي اوڀر واري ميدان تي پڻ هئي، يعني گليل ڍنڍ کان کاري سمنڊ تائين بيتيسيموت ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ ڏکڻ ۾ وري پسگہ جي لاهيءَ جي هيٺ تائين.
ميدان جا سڀ شهر، امورين جي بادشاهہ سيحون جي سڄي بادشاهت، جيڪو حشبون تي بادشاهي ڪندو هو. موسيٰ انهيءَ کي ۽ انهيءَ ملڪ ۾ رهندڙ مديان جي قبائلي سردارن اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو هو جيڪي سيحون جا امير هئا.