Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 13:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين ۽ جسُورين جا سڀ علائقا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين جون سڀ سرحدون، ۽ سڀ جسوري؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 13:2
15 Iomraidhean Croise  

فتروسي، ڪسلوحي ۽ ڪريتي. فلستيءَ وارا ڪريتي جو اولاد هئا.


اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


جڏهن آءٌ ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن اوهان جي ٻانهي هڪڙي باس باسي هئي تہ جيڪڏهن خداوند مون کي وري يروشلم ۾ پهچائيندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.“


هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو جنهن جي ماءُ جو نالو ابيجيل هو ۽ اها نابال ڪرمليءَ جي بيوہ هئي. ٽيون پٽ ابي‌سلوم هئس جنهن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو ۽ اها جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي.


سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.


ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.


سندس بادشاهي حرمون جبل، سلڪہ ۽ جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين سڄي بسن، جِلعاد جي باقي اڌ يعني حشبون شهر جي بادشاهہ سيحون جي علائقي جي سرحد تائين هئي.


انهيءَ ۾ جِلعاد، جسُورين ۽ معڪاتين جا علائقا، سڄو حرمون جبل ۽ سلڪہ تائين سڄو بسن شامل آهن.


پر بني اسرائيل جسُورين ۽ معڪاتين کي ڪونہ ڀڄائي ڪڍيو هو، تنهنڪري اهي اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجھہ رهندا اچن.


سو خداوند اتي ڪجھہ قومون ڇڏي ڏنيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن جي ذريعي بني اسرائيل جي انهن سڀني ماڻهن کي آزمائي جن ڪنعان ۾ جنگيون نہ ڏٺيون هيون.


انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan