Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 13:16 - Muslim Sindhi Bible

16 عروعير جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 13:16
18 Iomraidhean Croise  

پوءِ انهن اردن درياءُ پار ڪري عروعير شهر جي ويجھو برساتي نهر جي وچ واري شهر جي ڏاکڻي طرف اچي خيما کوڙيا. اتان ٿيندا جد جي رستي يعزير ڏانهن ويا.


هنن ٻٽيهہ هزار گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار ۽ معڪہ جي بادشاهہ کي بہ سندس فوج سميت ڪرايي تي آندو، جن اچي ميدبا جي سامهون پنهنجا خيما کوڙيا، جڏهن تہ بني عمون پنهنجي شهرن مان گڏجي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري پيا.


حشبون ۽ العالي شهرن جا ماڻهو روئن رڙن ٿا، سندن رڙين جو آواز تمام پري يهض تائين پيو ٻڌڻ ۾ اچي. انهيءَ ڪري موآب جا سپاهي بہ خوف وچان دانهون ٿا ڪن. هائو، موآب جا جنگي جوڌا همت هاري ويٺا آهن.


حشبون شهر امورين جي بادشاهہ سيحون جو هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي برساتي نهر ارنون تائين هن جو سڄو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا.


هڪڙو امورين جو بادشاهہ سيحون هو جيڪو حشبون ۾ ويهي پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندو هو. سندس بادشاهي برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ انهيءَ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي ويندي برساتي نهر يبوق تائين هئي، جيڪا عمونين جي سرحد آهي. ان ۾ اڌ جِلعاد بہ شامل هو.


جيڪو علائقو موسيٰ روبن قبيلي کي سندن گھراڻن موجب ڏنو هو سو هي هو:


انهيءَ ۾ حشبون ۽ ان جا ميدان وارا سڀ شهر شامل آهن يعني ديبون، بامات‌بعل ۽ بيت‌بعل‌معون،


انهيءَ جي پکيڙ هي آهي: عروعير شهر، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ويندي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت جيڪو ديبون تائين آهي


موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.


پر لاوين کي اوهان سان گڏ حصو نہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي. ان کان علاوہ جد، روبن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي پنهنجو ورثو اردن درياءَ جي هن ڀر اوڀر طرف اڳي ئي ملي چڪو آهي. خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اهو ڏنو هو.“


جڏهن تہ بني اسرائيل حشبون، عروعير ۽ انهن جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ برساتي نهر ارنون جي ڪناري وارن سڀني شهرن ۾ ٽي سؤ سالن کان رهيا پيا آهن، تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اوهان انهن کان اهي موٽائي نہ ورتا آهن؟


عروعير، سِفموت، اِستموع،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan