Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 13:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ ۾ جِلعاد، جسُورين ۽ معڪاتين جا علائقا، سڄو حرمون جبل ۽ سلڪہ تائين سڄو بسن شامل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ جلعاد ۽ جسورين ۽ معڪاٿين جي سرحد، ۽ سڄو حرمون جبل، ۽ سڄو بسن سلڪہ تائين

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 13:11
13 Iomraidhean Croise  

پوءِ هو ماني کائڻ ويهي رهيا. تڏهن اوچتو اکيون کڻي نهاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اسماعيل قبيلي وارن جو هڪڙو قافلو جِلعاد کان ايندو نظر آين. انهن جا اٺ مصالحن، سرهاڻين ۽ مُرَ سان لڏيل هئا. اسماعيل قبيلي وارا اهو سامان مصر ڏانهن کنيو ٿي ويا.


پر جسُور ۽ ارام جي بادشاهتن سٺ شهرن تي انهن جي ڳوٺن سميت قبضو ڪيو جن ۾ قنات شهر ۽ يائير جا ٽيويهہ شهر بہ شامل هئا. انهن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو جِلعاد جي پيءُ مڪير جو اولاد هئا.


جد قبيلو روبن قبيلي جي ڀرسان اتر طرف ۾ بسن جي علائقي ۾ اوڀر واري شهر سلڪ تائين رهندو هو.


”جيڪڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن مان هر ڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر جنگ تي هلي تہ جڏهن انهيءَ ملڪ تي اوهان جو قبضو ٿي وڃي، تڏهن اوهين جِلعاد جو علائقو انهن کي ملڪيت ڪري ڏجو.


انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.


۽ امورين جي بادشاهہ سيحون جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو تنهن جا سڀ شهر، ويندي بني عمون جي سرحد تائين.


جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين ۽ جسُورين جا سڀ علائقا،


يعزير جو علائقو، جِلعاد جا سڀ شهر ۽ بني عمون جي اڌ زمين عروعير تائين، جيڪو ربہ جي سامهون آهي،


اهو ئي سبب آهي جو منسيءَ کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن جي زمين کان سواءِ ٻيا ڏهہ حصا مليا،


انهن مان ڪي اردن درياءُ پار ڪري جد ۽ جِلعاد جي علائقي ڏانهن هليا ويا. پر سائول اڃا بہ جِلجال ۾ ئي رهيل هو ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي خوف کان ڏڪندا ٿي رهيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan