Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 12:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهن ملڪن ۾ هي هنڌ شامل هئا: جابلو علائقو، ڍورا، اردن ماٿري، جبلن جون لاهيون ۽ ڏکڻ وارو بيابان. ورهاست کان اڳ ۾ انهن هنڌن تي حتي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي آباد هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 يعني جابلو ملڪ ۾، ۽ وادين ۾، ۽ ميدانن ۾، ۽ لاهين تي، ۽ بيابان ۾، ۽ ڏکڻ واري ملڪ ۾؛ حتي ۽ اموري، ۽ ڪنعاني، ۽ فرزي، ۽ حوي، ۽ يبوسي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 12:8
14 Iomraidhean Croise  

حِوي، عرقي، سيني،


پوءِ اتان هو ڏاکڻي پاسي ڏانهن وڌندو ويو.


سو ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ اڪثر ڪري جھيڙو ٿيندو رهندو هو. انهيءَ وقت هن علائقي ۾ ڪنعاني ۽ فرزي پڻ رهندا هئا.


جڏهن منهنجو فرشتو اوهان جي اڳيان هلندو رهندو ۽ اوهان کي امورين، حتين، فرزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ اندر وٺي ويندو تڏهن آءٌ انهن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.


سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


سو يشوع هي سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو: جابلو علائقو، سڄو ڏاکڻو علائقو، جشن جو سڄو علائقو، هيٺاهين زمين وارو علائقو، اردن ماٿريءَ وارو علائقو، اسرائيل جو جابلو علائقو هيٺاهين زمين سميت،


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون،


تنهن کان پوءِ بني يهوداہ انهن ڪنعانين سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ويا جيڪي جابلو علائقي، ڏاکڻي حصي ۽ هيٺاهن ڍورن ۾ رهندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan