يشوع 12:6 - Muslim Sindhi Bible6 خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل انهن ٻنهي بادشاهن کي شڪست ڏني ۽ موسيٰ انهن جو ملڪ بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏنو. Faic an caibideilSindhi Bible6 انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو. Faic an caibideil |
موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.