Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سندس بادشاهي حرمون جبل، سلڪہ ۽ جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين سڄي بسن، جِلعاد جي باقي اڌ يعني حشبون شهر جي بادشاهہ سيحون جي علائقي جي سرحد تائين هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جنهن جي بادشاهي هئي حرمون جبل ۾، ۽ سلڪہ، ۽ سڄي بسن تي، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد ۽ اڌ جلعاد تائين، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي سرحد تي هئي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 12:5
14 Iomraidhean Croise  

هيڏانهن ابي‌سلوم ڀڄي ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ وڃي نڪتو ۽ اتي جي بادشاهہ تلمي ولد عميهود وٽ ٽن سالن تائين رهيو. دائود پنهنجي پٽ امنون لاءِ گھڻي عرصي تائين سوڳ ڪندو رهيو.


جڏهن آءٌ ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن اوهان جي ٻانهي هڪڙي باس باسي هئي تہ جيڪڏهن خداوند مون کي وري يروشلم ۾ پهچائيندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.“


اليفلط ولد احسبي جيڪو معڪاتي شهر وارن جو اولاد هو، الي‌عام ولد اخيتفل جِلوني،


هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو جنهن جي ماءُ جو نالو ابيجيل هو ۽ اها نابال ڪرمليءَ جي بيوہ هئي. ٽيون پٽ ابي‌سلوم هئس جنهن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو ۽ اها جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي.


جڏهن يهوداہ وارن جي لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سندن جنگي جوانن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جِدلياہ کي گورنر مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي وٽس آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، يوحنان ولد قريح، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ يازنياہ ولد معڪاتي. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.


جد قبيلو روبن قبيلي جي ڀرسان اتر طرف ۾ بسن جي علائقي ۾ اوڀر واري شهر سلڪ تائين رهندو هو.


تڏهن اهي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، قريح جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ معڪاتيءَ جو پٽ يازنياہ. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.


منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.


انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.


هاڻ جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي اتر ۾ حرمون جبل تائين هو ۽ اوڀر واري سڄي اردن ماٿري، جنهن تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو هو، تنهن جي ٻن بادشاهن کي بني اسرائيل شڪست ڏيئي سندن ملڪ هٿ ڪيا هئا.


انهيءَ ۾ جِلعاد، جسُورين ۽ معڪاتين جا علائقا، سڄو حرمون جبل ۽ سلڪہ تائين سڄو بسن شامل آهن.


انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan