Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 12:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هن جي بادشاهي اردن درياءَ جي اوڀر واري ميدان تي پڻ هئي، يعني گليل ڍنڍ کان کاري سمنڊ تائين بيت‌يسيموت ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ ڏکڻ ۾ وري پسگہ جي لاهيءَ جي هيٺ تائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 12:3
15 Iomraidhean Croise  

انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي.


هن انهن شهرن ۽ سڄي ميدان کي، انهن سڀني ماڻهن سميت، جيڪي اتي جا رهاڪو هئا ۽ جيڪي ڪجھہ اتي زمين تي اڀريو هو تنهن سميت برباد ڪري ڇڏيو.


بن‌هدد آسا بادشاهہ جي ڳالهہ مڃي ۽ پنهنجا سالار لشڪرن سميت اسرائيل ملڪ جي شهرن تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. هنن عيون، دان، ابيل بيت‌معڪہ، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي ڪري ورتو.


تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب ملڪ جي اولهہ طرف واري سرحد دشمنن جي حملي لاءِ کولي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ سرحد جا شهر توڙي ملڪ جا ٻيا شاندار شهر بيت‌يسيموت، بعل‌معون ۽ قريتائم بہ ناس ٿي وڃن.


هو بامات مان روانا ٿيا ۽ موآب جي ميدان ۾ جيڪا ماٿري آهي تنهن ۾ پسگاہ جبل جي انهيءَ چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻ‌پٽ ڏيکاربو آهي.


اها سرحد شفام کان ڏکڻ طرف ربلہ شهر تائين ويندي، جيڪو عين جي اوڀر ۾ آهي. اتان وري گليل ڍنڍ جي اوڀر طرف چاڙهيءَ جي چوٽيءَ کان ٿيندي،


هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ خدا جون ڳالهيون ٻڌن.


هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو،


انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو.


انهيءَ ۾ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي وارو سڄو ميدان ويندي کاري سمنڊ جي پسگاہ جبل وارين لاهين جي هيٺ تائين شامل آهي.


اتر پاسي جابلو علائقن وارا بادشاهہ، گليل ڍنڍ جي ڏکڻ واري اردن ماٿريءَ ۽ هيٺاهين زمينن وارا بادشاهہ ۽ اولهہ ڏانهن ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري تي دور شهر جي آس‌پاس وارا بادشاهہ.


بيت‌فغور، پسگہ جون لاهيون ۽ بيت‌يسيموت،


سندن ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿي،


اوڀر واري سرحد کاري سمنڊ جو ڪنارو هئي جيڪا ڏاکڻي ڇيڙي کان ويندي اردن درياءَ جي ڇوڙ تائين هئي. اُتر واري سرحد کاري سمنڊ جي اتر واري ڇيڙي کان شروع ٿي،


تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan