انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.
عئيءَ ۾ توڙي بيتايل ۾ هڪڙو بہ اهڙو ماڻهو ڪونہ رهيو جو بني اسرائيل جي پٺيان نہ ويو. انهن شهرن کي کُليل ئي ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ سمورا بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيا.