Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي اتر ۾ حرمون جبل تائين هو ۽ اوڀر واري سڄي اردن ماٿري، جنهن تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو هو، تنهن جي ٻن بادشاهن کي بني اسرائيل شڪست ڏيئي سندن ملڪ هٿ ڪيا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 12:1
24 Iomraidhean Croise  

اوريءَ جو پٽ جبر: جِلعاد علائقي مٿان، جنهن تي امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج بادشاهي ڪئي. پر سڄي يهوداہ علائقي تي هڪڙو ئي عملدار مقرر هو.


اهو ائين پڻ آهي جيئن صيئون جبل تي ماڪ پوي، بلڪل حرمون جبل جي ماڪ جيان. بيشڪ صيئون تي خداوند پنهنجي واعدي ڪيل برڪت، يعني ابدي حياتي نازل ڪري ٿو.


انهن جا ملڪ هن پنهنجي قوم کي ميراث ڪري ڏنا، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


هائو، اتر کان ڏکڻ تائين تو ئي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي. سو تبور ۽ حرمون جبل بہ تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ڪن ٿا.


کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.


وري اتان روانا ٿي ارنون نالي برساتي نهر جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، جيڪا امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي. برساتي نهر ارنون امورين ۽ موآبين جي وچ ۾ آهي ۽ موآب جي سرحد آهي.


پوءِ بني اسرائيل امورين جي بادشاهہ سيحون ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ


پر بني اسرائيل انهن امورين کي جنگ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو ۽ برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق تائين يعني بني عمون جي سرحد تائين هنن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون. هو اڳتي وڌي نہ سگھيا ڇو تہ بني عمون جي سرحد مضبوط هئي.


اسين اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين، ڇو تہ اسان جو ورثو اردن درياءَ جي هِن ڀر اوڀر طرف اسان کي ملي چڪو آهي.“


اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“


تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جا ملڪ شهرن ۽ ٻهراڙيءَ سميت جد ۽ روبن قبيلن ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.


تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري يهض شهر جي ويجھو آيو.


”تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي اڳتي وڌياسين. بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ادرعي شهر جي ويجھو آيو.


هيءَ اها شريعت آهي جيڪا موسيٰ بني اسرائيل جي اڳيان پيش ڪئي.


هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيت‌فعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني.


سندن ملڪ ڏکڻ ۾ برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عيروعير کان وٺي، اتر طرف سريون جبل تائين پکڙيل هو، جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين.


جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“


خلق جبل، جيڪو ڏکڻ ۾ ادوم جي علائقي ڏانهن وڌي ٿو، تنهن کان وٺي بعل‌جد تائين جيڪو اتر ۾ لبنان جي ماٿريءَ ۾ حرمون جبل هيٺان آهي. يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گھڻي وقت تائين جنگ ڪئي ۽ کين پڪڙي ماري ڇڏيو.


انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.


منسيءَ جي ٻئي اڌ قبيلي، بني روبن ۽ بني جد کي اڳ ۾ ئي ورثو ملي چڪو هو جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اردن درياءَ جي اوڀر طرف ڏنو هو.


خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگھي ادوم ۽ موآب ملڪن کان وڪڙ ڪري موآب ملڪ جي اوڀر طرف کان آيا ۽ برساتي نهر ارنون جي هُنَ ڀر اچي تنبو هنيائون. جيئن تہ ارنون جي برساتي نهر موآب ملڪ جي سرحد هئي، تنهنڪري هو اها پار ڪري موآب ملڪ ۾ نہ آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan