Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 11:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهن سڀني بادشاهن پنهنجيون پنهنجيون فوجون آڻي گڏ ڪيون ۽ ميروم نديءَ وٽ هڪ هنڌ تنبو کوڙيائون تہ جيئن بني اسرائيل سان گڏجي جنگ ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن اهي سڀ بادشاهہ اچي گڏ ٿيا؛ تڏهن هو اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ، ميروم جي پاڻين تي، هڪ هنڌ تنبو هڻي لهي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 11:5
9 Iomraidhean Croise  

جڏهن ارامين ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي هٿان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هو سڀ وري گڏ ٿيا.


اي خداوند! مون کي ستائڻ وارا ڪيڏا نہ گھڻا ٿي ويا آهن! هائو، گھڻا ئي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.


پر پوءِ خدا جي قدرت جو ڏٺائون تہ کين ڏاڍي حيرت وٺي ويئي. کين اهڙي دهشت وٺي ويئي جو سڀيئي اتان وٺي ڀڳا.


اي غير قومون! ڀلي اوهين جنگ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي وڃو، پر ياد رکو، اوهان سڀني کي چيڀاٽيو ويندو. ڪن ڏيئي ٻڌو، اي ڏورانهن ملڪن جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر اوهين دهشت ۾ وٺجي ويندا. هائو، اوهين ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر ياد رکو، دهشت اوهان کي وڪوڙي ويندي.


اهي سڀيئي پنهنجيون پنهنجيون فوجون وٺي نڪتا. انهن فوجين جو تعداد ايترو تہ گھڻو هو جيئن سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جا ذرا. انهن ساڻ گھڻا ئي گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون بہ هيون.


تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”هنن کان نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي هن ئي وقت آءٌ انهن سڀني کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏيئي کين مارائي ڇڏيندس. تون هنن جي گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏجانءِ ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏجانءِ.“


تڏهن هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ هڪ صلاح ٿي يشوع ۽ بني اسرائيل سان جنگ ڪن.


اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan