Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 11:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهي سڀيئي پنهنجيون پنهنجيون فوجون وٺي نڪتا. انهن فوجين جو تعداد ايترو تہ گھڻو هو جيئن سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جا ذرا. انهن ساڻ گھڻا ئي گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون بہ هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ اُهي سڀئي پاڻ سان پنهنجا لشڪر وٺي نڪتا، ۽ اُهي ايترا بيشمار ماڻهو هئا، جو گهڻائيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جيترا هئا، ۽ ساڻن گهڻا ئي گهوڙا، ۽ جنگي گاڏيون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 11:4
8 Iomraidhean Croise  

سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


پر تو تہ چيو آهي تہ ’آءٌ تو کي خوشحال بڻائيندس ۽ تنهنجو اولاد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو وڌائيندس جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.‘“


تنهنڪري منهنجي صلاح اها آهي تہ دان کان وٺي بيرسبع تائين سمورا بني اسرائيل، جيڪي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيان بي‌شمار آهن، تن کي گڏ ڪريو ۽ اوهين پاڻ هلي جنگ ۾ انهن جي اڳواڻي ڪريو.


بني اسرائيل قوم جا ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا. هو کائيندا، پيئندا ۽ مزا ماڻيندا وتندا هئا.


انهن سڀني بادشاهن پنهنجيون پنهنجيون فوجون آڻي گڏ ڪيون ۽ ميروم نديءَ وٽ هڪ هنڌ تنبو کوڙيائون تہ جيئن بني اسرائيل سان گڏجي جنگ ڪن.


مدياني، عماليقي ۽ سڀ اوڀر وارا ماڻهو ماٿريءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا. سندن اٺ سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جي ذرڙن وانگر بي‌شمار هئا.


فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan