يشوع 11:3 - Muslim Sindhi Bible3 انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو. Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو. Faic an caibideil |
انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي همقوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“