Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 11:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 11:23
20 Iomraidhean Croise  

سو هو انهيءَ ملڪ ۾ ويا ۽ وڃي مٿس قبضو ڪيائون. جيڪي ڪنعاني اتي رهندا هئا، تن کي بادشاهن سميت تو هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ کين جيئن وڻي تيئن ساڻن سلوڪ ڪن.


هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو.


جيڪي حڪم آءٌ اوهان کي اڄ ڏيان ٿو تن تي عمل ڪجو. ڏسو، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان سندن ملڪ مان لوڌي ٿو ڪڍان.


انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ وچ واري مخصوص ايراضيءَ ۽ شهر واري حصي کان سواءِ حڪمران جي زمين وارو حصو ملڪ جي اوڀر واري سرحد کان اولهہ واري سرحد تائين ايترو ڊگھو هوندو جيترو هر قبيلي کي ڏنل حصو هوندو. اها زمين بني اسرائيل جي ملڪ جي هر حڪمران جي هوندي. سو اهي اڳتي منهنجي قوم کان زمين کسي وري ظلم نہ ڪندا ۽ سڀني ماڻهن کي سندن ملڪ اندر ڏنل علائقن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان رهڻ ڏيندا.“


پر نون جو پٽ يشوع جيڪو تنهنجو خادم آهي، سو انهيءَ ۾ داخل ٿيندو. تون انهيءَ کي همتاءِ، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ جو وارث بڻائيندو.‘


تنهنڪري جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي آس‌پاس وارن دشمنن کان اوهان کي آرام بخشي، تڏهن اوهين ڌرتيءَ تان عماليقين جو نالو نشان مِٽائي ڇڏجو. اها ڳالهہ اوهين وساري نہ ڇڏجو.“


ڪنعان ملڪ جو جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اولهہ طرف لبنان جي ماٿريءَ ۾ بعل‌جد کان وٺي خلق جبل، جيڪو ڏکڻ ۾ ادوم جي علائقي ڏانهن ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، انهيءَ علائقي جي بادشاهن کي يشوع ۽ بني اسرائيل شڪست ڏني. انهن جا ملڪ يشوع بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنا.


تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.


خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.


گھڻو عرصو گذري چڪو هو ۽ خداوند بني اسرائيل کي آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو. تنهن وقت ڌاري يشوع پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي ويو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan