Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 11:22 - Muslim Sindhi Bible

22 عناق جي اولاد مان ڪنهن کي بہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيئرو نہ ڇڏيو ويو، رڳو غزہ، جات ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 عناقيم مان ڪوبہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ ڇڏيائون: فقط غزہ ۾، ۽ جات ۾، ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 11:22
19 Iomraidhean Croise  

پر ٽن سالن کان پوءِ شمعيءَ جا ٻہ غلام جات جي بادشاهہ اڪيس ولد معڪاہ ڏانهن ڀڄي ويا. شمعيءَ کي ٻڌايو ويو تہ ”تنهنجا غلام جات شهر ۾ آهن.“


ڪجھہ وقت کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ جات شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت فلستين کان ڇڏائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين.


بريعہ ۽ سمعہ ايالون شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا. انهن ڪٽنبن جات جي رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍيو هو.


هڪڙي دفعي عُزياہ نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات، يبنہ ۽ اشدود شهرن جا ڪوٽ ڪيرايائين. هن پوءِ فلستين جي علائقي ۾ اشدود شهر جي ويجھو ۽ ٻين هنڌن تي بہ ڪوٽن وارا شهر ٻڌرايا.


اشور جي شهنشاهہ سرجُون پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار اعليٰ کي فلستين جي شهر اشدود تي حملو ڪري شهر فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سو هن انهيءَ شهر تي ڪاهہ ڪئي.


ساڳيءَ طرح ڪريت ٻيٽ مان آيل ڪريتي، ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري غزہ تائين پنهنجن ڳوٺن ۾ رهندڙ اَوين کي ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.


اتي جا ماڻهو ڊگھا ۽ طاقتور يعني راڪاس جو اولاد آهن، جن کي اوهين ڄاڻو ٿا. انهن بابت اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ ’ڪير آهي جيڪو راڪاس جي اولاد جو مقابلو ڪري سگھي؟‘


يشوع قادش‌برنيع کان وٺي غزہ تائين ۽ جشن جي سڄي علائقي کان وٺي جِبعون تائين سڀني کي شڪست ڏني.


ڪالب ٽن عناقي قبيلن يعني سيسي، اخيمان ۽ تلمي جيڪي عناق جو اولاد هئا، تن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو.


عقرون کان وٺي ڀُونوِچ سمنڊ تائين ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جيڪي اشدود جي ويجھو هئا،


اشدود ۽ غزہ ۽ آس‌پاس وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جيڪي مصر جي سرحد واري برساتي نهر جي ڪناري ۽ ڀُونوِچ سمنڊ جي ڪناري تائين هئا.


بني يهوداہ غزہ، اسقلون ۽ عقرون شهر بہ ٻهراڙين سميت قبضي ڪري ورتا.


جن قومن کي ڇڏيو ويو سي هي هيون: فلستين جا پنج سردار، سمورا ڪنعاني، صيداني ۽ حوي جيڪي لبنان جبلن جي قطار ۾ بعل‌حرمون جبل کان وٺي حمات لڪ تائين رهندا هئا.


تڏهن فلستين جي لشڪر مان جات شهر جو رهندڙ هڪڙو چونڊ پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو. سندس قد نون فوٽن کان بہ وڌيڪ هو.


فلستين خدا جي عهد واري صندوق هٿ ڪرڻ کان پوءِ، اها عبن‌عزر مان کڻي اشدود شهر ۾ آندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan